جي ايڇ ڪيو حملي سميت 10 ڪيسن مان شيخ رشيد جي عبوري ضمانتن ۾ واڌ

راولپنڊي: جي ايڇ ڪيو حملي سميت 10 ڪيسن ۾ شيخ رشيد جي عبوري ضمانتن ۾ واڌ ٿي وئي آهي.

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد جي خلاف جي اڇي ڪيو حملي ڪيس سميت 10 ڪيسن ۾ عبوري ضمانتن جي درخواست تي ٻڌڻي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ ٿي جتي جج ملڪ اعجاز آصف جي آڏو پراسيڪيوٽر، جاچ ٽيمون ۽ وڪيل پيشا ٿيا ان موقعي تي شيخ رشيد به عدالت ۾ موجود هو.

ٻڌڻي دوران عدالت شيخ رشيد جي ڪيسز جو مڪمل رڪارڊ پيش نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو جنهن تي سرڪاري پراسيڪيوٽر چيو ته وڌيڪ موقعو ڏنو وڃي. عدالت هدايت ڪئي ته ايندڙ تاريخ تائين جاچ مڪمل ڪري رڪارڊ پيش ڪريو. عدالت درخواست تي دليل ٻڌڻ کان پوءِ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد احمد، سندس ڀائٽي شيخ راشد جي عبوري صمانتن ۾ 4 جنوري تائين واڌ ڪري ڇڏي.

ٻڌڻي کان پوءِ عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي شيخ رشيد چيو ته اهڙن ڪيسن سان منهنجو ڪوبه تعلق نه آهي. مان 9 مئي تي هتي موجود نه هئس. مون کي صحافين سان ڳالهائڻ کان منع ڪيو ويو آهي. ادارن جو مون هميشه احترام ڪيو آهي. زنده رهيس ته اين اي 56 ۽ 57 جي تڪ تان چونڊن ۾ حصو وٺندس.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔