آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر غزه ۾ جنگبندي لاءِ سلامتي ڪائونسل ۾ پيش ڪيل ٺهراءُ کي ويٽو ڪري ڇڏيو

نيويارڪ: آمريڪا غزه ۾ جنگبندي لاءِ سلامتي ڪائونسل ۾ پيش ڪيل ٺهراءُ کي هڪ دفعو ٻيهر ويٽو ڪري ڇڏيو آهي.

عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب آمريڪا غزه ۾ جنگبندي لاءِ سلامتي ڪائونسل ۾ پيش ڪيل ٺهراءُ کي ويٽو ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي حمايت سلامتي ڪائونسل جي سمورن ميمبرن ۽ ٻين ملڪن ڪئي هئي. جنهن ۾ غزه ۾ فوري طور تي انساني بنيادن تي جنگبندي جو مطالبو ڪيو ويو هو.

گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ قرارداد متحده عرب امارات طرفان پيش ڪئي وئي. سلامتي ڪائونسل جي 15 مان 13 ميمبرن ان جي حمايت ڪئي. برطانيه غير حاضر رهيو جڏهن ته آمريڪا مخالفت ڪئي. فرانس ۽ جاپان جنگبندي واري مطالبي جي حمايت ڪندڙن ۾ شامل هئا.

رابرٽ وڊ چيو ته اسان اهڙي ٺهراءُ جي حمايت نٿا ڪري سگهون جيڪو غير جٽادار جنگبندي جو مطالبو ڪري ٿو. هن ٺهراءُ سان صرف هڪ نئين جنگ جو ٻج پوکي سگهجي ٿو. آمريڪي نمائندي ٺهراءُ ۾ ترميم ڪيل تجويز تي چيو ته ٺهراءُ کي بهتر بنائڻ لاءِ ان ۾ حماس جي 7 آڪٽوبر جي حملي واري مذمت کي شامل ڪيو وڃي جنهن ۾ 1200 اسرائيلي مارجي ويا هئا جڏهن ته 240 کان وڌيڪ کي يرغمال بنايو ويو هو. ٺهراءُ جي حامي ملڪن اڄوڪي ڏينهن کي خوفناڪ ڏينهن سان ڀيٽ ڏيندي جنگ جي ٽئين مهيني ۾ وڌيڪ شهرين جي فوتگي ۽ تباهي کان خبردار ڪري ڇڏيو.

ٻئي طرف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس غزه ۾ جنگبندي جو مطالبو ڪندي چيو ته حماس جا حملا معصوم فلسطينين جي سزا جو ڪوبه جواز نه آهي. غزه ۾ ڪابه جڳهه محفوظ نه رهي آهي. غزه جا ماڻهو محفوظ هنڌ جي ڳولا لاءِ  مختلف جڳهن تي منتقل ٿي رهيا آهن.

حماس جي حملي جي مذمت ڪندي يو اين اي جي سيڪريٽري جنرل چيو ته غزه جا وڏا علائقا ويران جڏهن ته 80 سيڪڙو آبادي بي گهر ٿي چڪي آهي. غزه ۾ خوراڪ، تيل، پاڻي ۽ دوائن جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. جڏهن ته اتان جا رهواسي مختلف بيمارين جي خطرن کي به منهن ڏئي رهيا آهن.

ياد رهي ته ان کان اڳ آمريڪا هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ انساني بنيادن تي غزه ۾ جنگبندي لاءِ برازيل طرفان پيش ڪيل قرارداد کي به ويٽو ڪري ڇڏيو هو. برازيل طرفان پيش ڪيل قرارداد ۾ انساني بنيادن تي جنگبندي ۽ انساني امداد جي  ورهاست جو مطالبو ڪيو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔