ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ سياسي پارٽين کي گڏجي قانونسازي ڪرڻي پوندي: نگران وزيراعطم

اسلام آباد: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ سياسي پارٽين کي گڏجي ويهي قانونسازي ڪرڻي پوندي.

اسلام آباد ۾ پوليس جي اڳوڻي انسپيڪٽر جنرلز جي ستين سالياني ڪانفرنس کي خطاب ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته اسان کي تمام گهڻا چيلنجز پيش آهن. پوليس ملڪ ۾ امن جي لاءِ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن

هن چيو ته اسان پوليس کاتي جا ٿورائتا آهيون، پوليس کي پنهنجي ساک برقرار رکڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻي هوندي آهي. نوڪرين جي نوعيت جيڪا به هجي اسان کي پنهنجو ڪم ايمانداري ۽ پوري سچائي سان ڪرڻ گهرجي. نرسنگ ۽ پوليس جي مقدس پيشن جو به خيال نه رکيو ويو.

انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته آئين تحت ڪوبه ماڻهو يا گروپ پرتشدد ڪاررواين ۾ ملوث نٿو ٿي سگهي. اسان جو ڪوبه معاشرو افراتفري برداشت نٿو ڪري سگهي. بدامني جي خلاف قانون لاڳو ڪندڙ ادارا هميشه اڳڀرا نظر ايندا آهن. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 90 هزار ماڻهو شهيد ٿيا.

نگران وزيراعظم وڌيڪ چيو ته معاشري ۾ بهتري لاءِ روين ۾ تبديلي جي ضرورت آهي. ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ سياسي پارٽين کي گڏجي ويهي قانونسازي ڪرڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔