جن ماڻهن ملڪ کي اهڙي صورتحال تي پهچايو انهن جو احتساب ٿيڻ گهرجي: نوازشريف

لاهور: مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ميان نوازشريف چيو آهي ته ڪجهه ڪردارن ترقي ڪندڙ پاڪستان جي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو جنهن به ماڻهن ملڪ کي اهڙي صورتحال تي پهچايو انهن جو احتساب ٿيڻ گهرجي.

لاهور ۾ پارٽي ٽڪيٽ جي اميدوارن لاءِ ڪوٺايل اجلاس کي خطاب ڪندي نوازشريف چيو ته اسان نظرن کان ته پري ٿياسين پر دل جي تمام ويجهو رهياسين پنهنجي ڪنهن به دوست کي ناهي وسريو، هميشه ياد رکيو آهي. اچ به دعا آهي ته الله هن قوم کي پريشانين مان ڪڍي. هن چيو ته قوم گذريل 4 سال تمام گهڻو ڏکيو دور ڏٺو. اسان جي دور ۾ معيشت بهتر ۽ ترقي عروج تي هئي ۽ اسان جي دور ۾ هر لحاظ کان معاشرو اڳيان وڌي رهيو هو پر ڪجهه ڪردار اهڙا آيا جنهن ترقي ڪندڙ پاڪستان کي ٺپ ڪري ڇڏيو.

هن چيو ته هاڻ قوم تدارڪ ڪري. معاشي بدنظمي 2019 کان شروع ٿي ۽ 2022 تائين ملڪ جي هر شيءِ ويهي رهي. 2013 کان 2017 تائين اسان جي دور ۾ ملڪ ترقي ڪري رهيو هو. چڱن ڀلن ماڻهن کي ڪڍي ملڪ سيکڙاٽ ماڻهو جي حوالي ڪيو ويو. 2017 ۾ ڳالهيون شروع ٿي ويون هيون ايندڙ چونڊون به (ن) ليگ کٽي رهي آهي. مون کي چيو ويو ته اوهان چئي ڇڏيو ته لوڊشيڊنگ 6 مهينن ۾ ختم ڪري ڇڏينداسين.  مون جواب ڏنو ته 6  مهينن ۾ لوڊشيڊنگ ختم نٿي ٿي سگهي ڪيئن چئي ڇڏيان. مون هنن کي چيو ته مان اهڙي ڪابه ڳالهه نه ڪندس جنهن سان منهنجي ساک خراب ٿئي. مون چونڊ مهم ۾ چيو ته پنجن سالن ۾ لوڊشيڊنگ ختم ڪري ڇڏيندس. مون قوم سان ڪنهن به قسم جو دوکو يا فراڊ نٿي ڪرڻ چاهيو.

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته هر ڀيري اسان سٺا ڪم ڪيا پر هر ڀيري اسان کي ڪڍيو ويو مون کي به خبر پوڻ گهرجي ته 93 ۽ 99 ۾ مون کي ڇو ڪڍيو ويو اسان چيو ته ڪار گل جي جنگ نه ٿيڻ گهرجي ها؟ ڇا ان لاءِ ڪڍيو ويو. وقت ثابت ڪري رهيو آهي اسان صحيح هئاسين ۽ اسان جا فيصلا به صحيح هئا ملڪ جي ڳالهه ايندي آهي ته اسان به پوئتي نه ٿيندا آهيون. اسان ايٽمي ڌماڪا ڪيا  جنهن کان پوءِ پاڪستان مضبوط ٿي ويو. اڄ ڪنهن جي به طاقت ناهي  جو پاڪستان ڏانهن ميري اک کڻي ڏسي اسان معاشي، دفاع سميت هر محاذ تي ڪارڪردگي ڏيکاري. اسان جي دور ۾ ڀارت جا 2 وزيراعظم مودي ۽ واجپائي پاڪستان آيا. هاڻ اسان  کي پنهنجا معاملا ڀارت ۽ افغانستان سان صحيح ڪرڻا آهن. اسان کي پنهنجي معاملا ايران ۽ چين سان به وڌيڪ بهتر ڪرڻا آهن

نوازشريف وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن شهباز شريف واپس اچي ملڪ کي نه سنڀالي ها ته ملڪ ڊيفالٽ ٿي وڃي ها. پهريان لوڊشيڊنگ جو مسئلو هو، هاڻ پي ٽي آءِ جي حڪومت بجلي جي قيمتن جو به مسئلو پيدا ڪري ڇڏيو. اڄ غريب عوام جي سموري پگهار بجلي جي بلن تي هلي ويندي آهي.

هن چيو ته اڄ پاڪستان سان اهو سلوڪ ڇو ڪيو ويو؟ جن ماڻهن ملڪ کي اهڙي صورتحال تي پهچايو انهن جو احتساب ٿيڻ گهرجي. اسان پڇڻ  چاهيو ٿا ته اوهان ائين ڇو ڪيو. هي اسان جو ملڪ آهي اسان جي نسلن کي هتي رهڻو آهي. گهٽ ۾ گهٽ انهن جي لاءِ ته سٺو ملڪ ڇڏي وڃون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔