ملڪ ۾ سون جي ملهه ۾ معمولي گھٽتائي

ڪراچي: ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ معمولي گھٽتائي ٿي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سڄي ملڪ ۾ سون جي في تولو قيمت 300 رپيا گھتجي 2 لک 18 هزار 600 رپيا ٿي وئي.
ايسوسيئيشن موجب اهڙيءَ ريت 10 گرام سون جو ملهه 257 رپيا گھٽيو آهي جنهن کان پوءِ 10 گرام سون مارڪيٽ ۾ هڪ لک 87 هزار 414 رپيا ٿي ويو آهي.
ٻئي پاسي عالمي بازار ۾ سون جو ملهه 2030 ڊالر في اونس برقرار آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔