نگران وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيمه آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس مان بري

لاهور:نگران وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيمه آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس مان بري ٿي ويو.احتساب عدالت لاهور جي جج ملڪ علي ذوالقرنين اعواڻ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس ۾ احد چيمه جي بريت واري درخواست منظور ڪندي محفوظ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.عدالت گذريل ٻڌڻي تي احد چيمه جي بريت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو هو، ڪجهه ڏينهن اڳ نيب نگران وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما کي آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ريفرنس ۾ ڪلين چٽ ڏني هئي.نيب رپورٽ موجب احد چيما خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن وارو ريفرنس نه ٿو ٺهي، احد چيمه جا سمورا اثاثا سندس آمدني سان مطابقت رکن ٿا، سندس مبينا بي نامي دارن ذاتي انڪم سان پراپرٽيز ٺاهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔