پي ٽي آءِ اڳواڻ دوست محمد مزاري ن ليگ ۾ شامل

پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ پنجاب  اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر رهندڙ دوست محمد مزاري ن ليگ ۾ شامل ٿي ويو

ن ليگ پنجاب جي صدر راڻا ثناءُ الله ماڊل ٽائون لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اعلان ڪيو ته دوست محمد مزاري هاڻي ن ليگ جو حصو بڻجي ويو آهي

هن چيو ته اسان کي يقين آهي ته ايندڙ حڪومت ن ليگ ٺاهڻ وڃي پئي، تحريڪ انصاف هاڻي گوهر خان جي جماعت آهي

راڻا ثناءُ الله چيو ته هر تڪ مان 6 کان 8 درخواستون آيون آهن، اڄ اسان جهنگ ضلعي کي مڪمل ڪري ورتو، هر تڪ تان  هڪ ئي اميدوار اليڪشن ۾ حصو وٺندو

ڪجهه ماڻهن طرفان باضابطه طور تي ن ليگ ۾شموليت جو اعلان ڪيو پيو وڃي، انٽرويوز مڪمل ٿيندي ئي اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪيو ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔