رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر وڌيڪ سستو ٿي ويو

ڪراچي: پاڪستاني رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر جو اگهه گهٽجڻ جو سلسلو جاري آهي.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب اڄ انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 2 پئسا سستو ٿيو، ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر جو اگهه 284 رپيا 12 پئسا آهي.
جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو اگهه 285 رپين تي برقرار آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔