پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر واثق قيوم عباسي پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور: پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر واثق قيوم عباسي پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

واثق قيوم عباسي پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته مان سياست ۽ پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان ڪريان ٿو، منهنجي سياسي ڪيريئر جو مقصد عوام جي خدمت ڪرڻ هو.

اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر وڌيڪ چيو ته رياست ۽ ادارن سان تڪرار برداشت ڪرڻ جوڳو نه آهي. رياستي ادارن خلاف پرتشدد ڪاررواين ۽ قوم کي گمراهه ڪندڙ بيانن جي نفي ڪريان ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔