چونڊ شيڊول ڪجهه ڏينهن ۾ جاري ڪيو ويندو: 8 فيبروري تي شفاف چونڊون ڪرايون وينديون: چيف اليڪشن ڪمشنر

اسلام آباد: چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو آهي ته چونڊ شيڊول ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ جاري ڪيو ويندو.

ووٽرز ڏهاڙي جي حوالي سان جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اليڪشن ڪميشن ايندڙ عام چونڊن جي تيارين ۾ مصروف آهي. حتمي چونڊ فهرست جي پرنٽنگ ۽ ورهاست جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. اليڪشن ڪميشن ڪجهه ڏينهن ۾ ڊسٽرڪٽ ريٽننگ آفيسرن، رٽرننگ آفيسرن ۽ اسسٽنٽ آفيسرن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندي. ڪجهه ڏينهن ۾ چونڊ شيڊول به جاري ڪيو ويندو

هن چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پنهنجي سمورين آئيني ۽ قانوني ذميوارين کان چڱي ريت آگاهه آهي. اسان شفاف ۽ پرامن چونڊون منعقد ڪرڻ لاءِ تيار ۽ پرعزم آهيون. اليڪشن ڪميشن يقين ڏياري ٿو ته چونڊن جي دوران مڪمل تحفظ فراهم ڪيو ويندو ته جيئن اوهان مڪمل رازداري ۽ شفافيت سان پنهنجو ووٽ ڏيڻ جو حق استعمال ڪري سگهو

چيف اليڪشن ڪمشنر پنهنجي پيغام ۾ وڌيڪ چيو ته قومي ووٽرز ڊي جي موقعي تي اليڪشن ڪميشن عوام کي اپيل ڪري ٿو ته هو ملڪ ۽ قوم جي روشن مستقبل جي لاءِ پنهنجو  ووٽ جو حق استعمال ڪري ۽ اليڪشن ڪميشن سان تعاون ڪيو وڃي. عوام کي ياد رکڻ گهرجي ته اوهان جي هٿن ۾ ووٽ جي طاقت آهي پنهنجي ۽ پنهنجي ٻارن جي مستقبل کي سامهون رکي پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪريو چونڊن جي سلسلي ۾ بي بنياد خبرن ۽ افواهن تي يقين نه ڪريو.

هن عوام کي اپيل ڪئي ته اهي چونڊ عمل ۾ ڀرپور نموني سان حصو وٺن اهو عوام جو حق ۽ قومي فرض آهي. اليڪشن ڪميشن هن وقت ايندڙ عام چونڊن جي تيارين ۾ مصروف آهي. ڪجهه ڏينهن ۾ ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسرن، ريٽرننگ آفيسرن ۽ اسسٽنٽ آفيسرن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو ۽ ان سان گڏ ئي ڪجهه ڏينهن ۾ چونڊ شيڊول ڏنو ويندو  جنهن کان پوءِ چونڊون 8 فيبروري 2024 تي ٿينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔