نگران وڏي وزير، گورنر ۽ آءِ جي سنڌ پاران 7 ماڙ عمارت کي باهه واقعي جو نوٽيس

نگران وڏي وزير، گورنر ۽ آءِ جي سنڌ 7 ماڙ عمارت کي باهه واقعي جو نوٽيس ورتو آهي

نگران وڏي وزير باهه واقعي جي جاچ لاءِ ڪمشنر ڪراچي جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي ورتي

ڪميٽي کي ٽن ڏينهن ۾ جاچ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

نگران وڏي وزير جي ترجمان چيو آهي ته ڪميٽي باهه جي ڪارڻن ۽ غفلت ۾ ملوث عملدارن جو پتو لڳائيندي، رپورٽ ۾ ذميوارن جو پتو لڳائڻ بعد سندن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي

 پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ميئر ڪراچي سان فون تي رابطو، عمارت کي لڳل باهه واقعي جا تفصيل ورتا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔