ڪراچي: عائشه منزل پل وٽ عمارت ۾ باهه واقعو، فوتين جو انگ 5 ٿي ويو

ڪراچي : ڪراچي ۾ عائشه منزل پل وٽ عمارت ۾ باهه لڳڻ وارو واقعو، زخمي دم ڏئي ڇڏيو، انگ 5 ٿي ويو

عائشه منزل پل وٽ عمارت ۾ باهه لڳڻ وارو واقعي ۾ زخمي ٿيل هڪ شخص دم ڏئي ڇڏيو، انگ 5 ٿي ويو، ڪولنگ ۽ سرچنگ جو عمل مڪمل، عمارت مان وڌيڪ هڪ لاش ڪڍيو ويو،  علاج هيٺ زخمي به دم ڏنو

فوتين ۾ غلام رضا،  نعمان بيگ، 20 ورهين جو اساما، 30 ورهين جو رياض  شامل، ھڪ فوتي جي سڃاڻپ نه ٿي آهي

سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي  اختيارين عمارت سيل ڪري ڇڏي،  ڪاميٽي عمارت جو معائنو ڪندي

ريسڪيو ذريعن موجب باهه ٽئين درجي جي هئي، عمارت ۾  250 دڪان ۽ 450 فليٽ آهن،  دڪانن  ۽ فليٽن ۾ پيل سامان سڙي ويو

ابتدائي طور باهه شارٽ سرڪٽ مان لڳي،  وڏي وزير طرفان جوڙيل ڪاميٽي به باهه واقعي جي جاچ ڪري رهي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔