پي ايس ايل 9 لاءِ 22 ملڪن جا 485 رانديگر رجسٽرڊ

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اعلان ڪيو آهي ته پي ايس ايل 9 ۾ 22 ملڪن جا 485 رانديگر رجسٽرڊ ٿي ويا آهن.
پي ايس ايل 9 لاءِ سڀ کان وڌيڪ انگلينڊ جي 158 رانديگرن رجسٽريشن ڪرائي، ان فهرست ۾ ويسٽ انڊيز جا 58، سريلنڪا جا 48، افغانستان جا 36، ڏکڻ آفريقا جا 30 رانديگر شامل آهن.
پڌرائيءَ موجب پي ايل ايل 9 لاءِ بنگلاديش جي 21، نيوزيلينڊ جي 18، آسٽريليا جي 16، زمبابوي جي 11 ۽ آئرلينڊ جي 9 رانديگرن رجسٽريشن ڪرائي آهي.
پي ايس ايل 9 لاءِ آءِ سي سي ايسوسيئيٽ ملڪن جي رانديگرن به رجسٽريشن ڪرائي آهي.
پي سي بي جي پڌرائيءَ موجب پي ايس ايل 9 جو ڊرافٽ 13 ڊسمبر تي لاهور جي نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔