بجلي ڪمپنين جو عوام سان دوکو، واڌو بل ثابت، هڪ ڪروڙ 39 لک صارف متاثر: ڪارروائي جو اعلان

اسلام آباد : ڪي اليڪٽرڪ سميت بجلي ڪمپنين طرفان ايوريج بل موڪلڻ ۽ 30 ڏينهن کان وڌيڪ بلنگ ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. نيپرا جي جاچ ۾ ملڪ جي سمورين بجلي ڪمپنين تي اووربلنگ ثابت ٿي وئي، جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ هڪ ڪروڙ 39 لک صارفين جي ميٽرز جي ريڊنگ 30 ڏينهن کان وڌيڪ ڏينهن تي ورتي وئي، نيپرا بجلي ڪمپنين خلاف ڪارروائي جو اعلان ڪري ڇڏيو

نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) جي انڪوائري ڪاميٽي بجلي ڪمپنين طرفان اوور بلنگ تي جاچ مڪمل ڪري ورتي. پڌرائيءَ موجب جاچ ۾ بجلي ڪمپنين طرفان ايوريج بل موڪلڻ ۽ 30 ڏينهن کان وڌيڪ بلنگ ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن کانپوءِ نيپرا ڪي اليڪٽرڪ سميت سڀني بجلي ڪمپنين خلاف قانوني ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪمپنين طرفان 30 ڏينهن کان وڌيڪ جي بلنگ ڪرڻ سان لکين واهپيدار متاثر ٿيا، خراب ميٽر وقت تي تبديل نه ڪرڻ سان بجلي ڪمپنين ايوريج بل موڪليا

رپورٽ ۾ قرار ڏنو ويو ته بجلي ڪمپنين پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ ڄاڻي واڻي بدديانتي ڪئي ۽ بجلي ڪمپنين جي نااهلي سان گهٽ بجلي استعمال ڪندڙن کي وڌيڪ بل موڪليا ويا. نيپرا رپورٽ موجب اهڙن قدمن سان بجلي ڪمپنين کي بلن جي وصولي گهٽ رهي. نيپرا بجلي ڪمپنين کي نوٽيس موڪلي وضاحت طلب ڪري ورتي ۽ 30 ڏينهن ۾ خراب ميٽرن کي تبديل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

پڌرائيءَ موجب خراب ميٽرن کي جلد تبديل ڪرڻ، غلط بلن کي درست ڪرڻ جو حتمي وقت ڏنو ويو آهي، ٻي صورت ۾ مقرر وقت تائين عملدرآمد نه ڪندڙ ڪمپنين خلاف ڪارروائي ٿيندي. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته پاليسي موجب ميٽر تبديل نه ڪرڻ تي ڪي اليڪٽرڪ کي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي ۽ معاملي تي وضاحت طلب ڪئي وئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔