ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ 2 ڄڻا مارجي ويا

ڪراچي:ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ سبب 2 ڄڻا مارجي ويا آهن.

پوليس موجب اورنگي ٽائون علي ڳڙهه بازار ۾ فائرنگ سبب سليم نالي شخص مارجي ويو. مقتول گهر ۾ داخل ٿي رهيو هو ته نامعلوم ماڻهن سندس مٿان فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ سليم  ٿڏي تي ئي مارجي ويو. مقتول جي سئوٽ عباسي شهيد اسپتال ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اسان ڪاروباري ماڻهو آهيون. اسان جي ڪنهن سان ڪابه دشمني نه آهي. سليم گهر جي ٻاهران واڪ ڪري رهيو هو ته سندس مٿان ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ ڪئي وئي. ڪارا ڪپڙا پاتل موٽر سائيڪل سوارن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ مارجي ويل مقتول سليم چئن ٻارن جو پيءُ هو.

ٻئي طرف بورڊ آفيس ويجهو ڦر دوران مزاحمت تي آن لائين فوڊ ڊليوري ڪمپني جو رائيڊر گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪيو ويو. فائرنگ دوران ارسلان نالي نوجوان زخمي ٿي پيو هو جنهن کي اسپتال اماڻيو پئي ويو ته هن رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.

اکين ڏٺين شاهدن موجب ٻن موٽر سائيڪل تي سوار هٿياربندن ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي رائيڊر کي گوليون هڻي قتل ڪيو. مقتول ارسلان پنج ڀيڻ ڀائرن ۾ ٻئي نمبر تي هو جيڪو نارٿ ڪراچي سيڪٽر سيون ڊي جو رهواسي هو مقتول گذريل ڏيڍ سال کان آن لائن فوڊ ڊليوري جو ڪم ڪندو هو. مقتول غير شادي شده هو رات جي وقت آن لائن فوڊ ڊليوري ڪندو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔