عمران خان هميشه خاور مانيڪا جي غير موجودگي ۾ بشريٰ بي بي سان ملڻ ايندو هو: گهريلو ملازم جو بيان قلمبند

اسلام آباد: ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ اڳوڻي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ ان جي گهر واري بشريٰ بي بي جي خلاف غير شرعي نڪاح ڪيس جي چئني گواهن جا بيان قلمبند ڪيا ويا.

اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي سول جج قدرت الله غير شرعي نڪاح ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن دوران بشريٰ بي بي جي اڳوڻي مڙس خاور مانيڪا جي گهريلو ملازم محمد لطيف پنهنجو بيان درخواستگذار جي وڪيل رضوان عباسي جي موجودگي ۾ قلمبند ڪرايو

محمد لطيف چيو ته مان خاور مانيڪا وٽ گذريل 35 سالن کان پراڻو گهريلو ملازم آهيان ان جي لاءِ مون سان ڪنهن به قسم جو ڪوبه پردو نه آهي.  ان جا ٻار به منهنجي هٿن ۾ پلجي وڏا ٿيا آهن مان گهر جي فرد جيان آهيان. خاور مانيڪا جا پاڪپتن شريف، لاهور، اسلام آباد ۽ بني گالا ۾ گهر آهن.

ملازم چيو ته خاور مانيڪا ڪسٽم ۾ ملازم هو، مختلف جڳهين تي سندس پوسٽنگ ٿيندي رهندي هئي، ان جا گهر ڀاتي لاهور يا اسلام آباد ۾ رهندا هئا. پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين عمران خان خاور مانيڪا جي بني گالا  واري گهر ۾ 2015 کان اچڻ وڃڻ شروع ڪيو. 2015 ۾ ڪڏهن ڪڏهن، جڏهن ته 2016 ۽ 2017 ۾ خاور مانيڪا جي گهر عمران خان جو گهڻو اچڻ وڃڻ شروع ٿي ويو هو.

محمد لطيف موجب عمران خان هميشه خاور مانيڪا جي غير موجودگي ۾ سندس گهر ايندو هو. خاور مانيڪا کي جڏهن بشريٰ بي بي سان ڳالهائڻو هوندو هو ته ان جي فون تي فون ڪندو هو، بشريٰ بي بي جو فون بند هوندو هو ته منهنجي نمبر تي فون ڪندو هو ۽ مون کي چوندو هو ته بشريٰ سان ڳالهائڻو آهي. اهڙن واقعن کان پوءِ خاور مانيڪا ۽ بشريٰ بي بي جا پاڻ ۾ جهيڙا شروع ٿي ويا هئا.

گواهه بيان ۾ چيو ته 2017 جي آخر ۾ خاور مانيڪا بشريٰ بي بي کي طلاق ڏئي ڇڏي. مون ڪيترائي ڀيرا عمران خان کي خاور مانيڪا جي فون اچڻ ۽ ان جي چوڻ تي گهر مان ڪڍيو. جڏهن ته خاور مانيڪا سان فون تي ڳالهائڻ جي لاءِ بشريٰ بي بي وٽ ڪمري ۾ اندر ويندو هئس ته مون کي دڙڪا ڏنا ويندا هئا. جيڪڏهن خاور مانيڪا نه هجي ها ته بشريٰ بي بي مون کي نوڪري مان به ڪڍي ڇڏي ها.

سول جج قدرت الله گواهه کان پڇاڻو ڪيو ته  ڇا اوهان گهڻو روئڻ کان پوءِ ايترا ڪمزور ٿي ويا آهيو؟ ڇا عمران خان ۽ بشريٰ بي بي اوهان کي ڪمري ۾ گڏ ويهاريندا هئا؟

گواهه محمد لطيف چيو ته مون کي عمران خان ۽ بشريٰ بي بي ڪمري ۾ گڏ نه ويهاريندا هئا. مون کي خاور مانيڪا چوندو هو ته انهن کي ڪمري ۾ وڃي ڏسي اچ. جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻ جوڳي هجڻ يا نه هجڻ تي دليل طلب ڪري ورتا ۽ ٻڌڻي 8 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

ياد رهي ته محمد لطيف خاور مانيڪا جو گهريلو ملازم آهي ۽ غير شرعي نڪاح ڪيس ۾ عون چوڌري ۽ مفتي سعيد جو بيان پڻ قلمبند ٿي چڪو آهي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔