آمريڪي جيل ۾ قيد ڊاڪٽر عافيه صديقي کي ٻه ڀيرا جنسي زيادتي جو نشانو بنائڻ جو انڪشاف

لاهور: آمريڪي جيل ۾ قيد ڊاڪٽر عافيه صديقي کي ٻه ڀيرا جنسي زيادتي جو نشانو بنائڻ جو انڪشاف سامهون اچي ويو آهي. اهڙو انڪشاف ڊاڪٽر عافيه صديقي جي وڪيل ڪلائيو اسٽيفورڊ طرفان ڪيو ويو جنهن چيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ڊاڪٽر عافيه سان ٻه ڀيرا جنسي زيادتي جي واقعن کان چڱي ريت آگاهه آهي.

ڊاڪٽر عافيه جي وڪيل ڪلائيو اسٽيفورڊ اسمٿ نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي چيو ته مون کي ڊاڪٽر عافيه صديقي جنسي زيادتي جو ٻڌايو جنهن جي مون شڪايت به داخل ڪئي.

عافيه جي وڪيل ڪلائيو اسٽيفورڊ چيو ته بگرام جيل ۾ به ڊاڪٽر عافيه سان جنسي زيادتي ڪئي وئي هئي. ڊاڪٽر عافيه سان بگرام ۾ جنسي زيادتي بطور جاچ جي طريقي طور ڪئي وئي. وڪيل ڪلائيو اسٽيفورڊ اسمٿ موجب ڊاڪٽر عافيه سان هر ڏينهن بدسلوڪي ۽ تشدد ڪيو وڃي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔