ناليوارو ڪلاسيڪل راڳي حسين بخش گلو لاڏاڻو ڪري ويو

لاهور: ناليوارو ڪلاسيڪل راڳي حسين بخش گلو لاڏاڻو ڪري ويو، ناليوارو ڪلاسيڪل راڳي حسين بخش گلو لاهور ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، هو ڊگهي وقت کان بيمار هو، سڄي دنيا ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندڙ ناليوارو ڪلاسيڪل راڳي حسين بخشي لاڏاڻو ڪري ويو آهي، ان جي عمر 75 سال هئي ۽ گهروارن موجب حسين بخش گلو ڊگهي وقت کان بيمار هو

نگران سڌ سماءِ واري وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ناليواري راڳي استاد حسين بخش خان گلو جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي، هن چيو ته استاد حسين بخش گلو دنيا ۾ پنهنجو پاڻ کي مڃرايو، ان جي لاڏاڻي تي ڪلاسيڪل موسيقي جو هڪ در بند ٿي ويو آهي

ياد رهي ته استاد حسين بخش گلو پٽياله گهراڻي سان تعلق رکندڙ هو، استاد حسين بخش گلو پٽياله گهراڻي جي مشهور ۽ معروف راڳي استاد نٿو خان جو فرزند هو، جيڪو استاد غلام علي خان جو به استاد هو

 استاد حسين بخش گلو کي لائٽ ڪلاسيڪل ۽ غزل گائيڪي تي وڏو عبور حاصل هو،پاڪستان حڪومت  14 آگسٽ 2010ع ۾ کيس فن جي مڃتا طور حسن ڪارڪردگي جي تمغي سان نوازيو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔