وائيس آف سنڌ جي ڊپٽي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر جي يو اي اِي جي قونصل جنرل سان ملاقات

ڪراچي: وائيس آف سنڌ جي ڊپٽي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ۽ نيشنل يوٿ اسيمبلي جي گورنردانيال جيلاني گڏيل عرب امارات جي قونصل جنرل بخيت عتيق الروميتي سان خاص ملاقات ڪئي آهي . قونصل جنرل بخيت عتيق الروميتي ۽ وائيس آف سنڌ جي ڊپٽي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ۽ نيشنل يوٿ اسيمبلي جي گورنردانيال جيلاني وچ ۾ ملاقات نهايت ئي خوشگوار ماحول ۾ ٿي .ملاقات ۾ ٻنهي برادر ملڪن جي لاڳاپن بابت اهم ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ، ان موقعي تي ٻه طرفه لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جي ڪوششن تي زور ڏنو ويو .يو اي اي جي قونصل جنرل وائيس آف سنڌ جي ڪردار کي ساراهيو .

دانيال جيلاني يو اي اِي جي قونصل جنرل بخيت عتيق الروميتي  کي وائيس آف سنڌ پاران شايع ٿيل سنڌ جي پنج هزار سال پراڻي تهذيب تي ٻڌل ڪتاب به  پيش ڪيو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔