تعليم کاتي جي ڊائريڪٽرز کي تبديل ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي: سنڌ جي نگران حڪومت  تعليم کاتي جي ڊائريڪٽرز  کي تبديل ڪرڻ فيصلو ڪري ورتو آهي

سنڌ جي اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي  سيڪريٽري مقررين ۽ بدلين واري سمري  چيف سيڪريٽري کي اماڻي ڇڏي

حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو ۽ ٻين ڊويزنن ۾  مختلف الزامن هيٺ ڊائريڪٽرن کي هٽائڻ  لاءِ سمري چيف سيڪريٽري ڏانهن اماڻي وئي

گريڊ 20هين جي شاهد شيخ کي  ڊائريڪٽر اسڪولز پرائمري ڪراچي  مقرر ڪرڻ جي سفارش  ڪئي وئي آهي

مرزا ارشاد بيگ کي ڊائريڪٽر سيڪنڊري  حيدرآباد ۽ ممتاز نوتڪاڻي کي ڊائريڪٽر  پرائمري حيدرآباد مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي

طاهر مغل کي ڊائريڪٽر سيڪنڊري ميرپوخاص واري عهدي تي  لڳائڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي

نگران حڪومت پاران اعجاز گوهر لاشاري کي ڊائريڪٽر  پرائمري ميرپوخاص واري خالي پيل  عهدي تي مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي

اقبال ڪنڀر کي ڊائريڪٽر پرائمري  شهيد بينظير آباد، عبدالرئف ڪانڌڙو کي  ڊائريڪٽر سيڪنڊري لڳائڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي

سکر جي ڊائريڪٽر سيڪنڊري حافظ  شهاب الدين کي بوائز هاءِ اسڪول نور محمد  حيدرآباد جو چيف هيڊ لڳائڻ جي سفارش ڪئي وئي، جڏهن ته نصير ميمڻ کي ڊائريڪٽر پرائمري سکر،  اڪبر ميمڻ کي ڊائريڪٽر سيڪنڊري  لاڙڪاڻو مقرر ڪرڻ جي سفارش ٿي آهي

غلام محي الدين کي ڊائريڪٽر پرائمري لاڙڪاڻو مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔