سعودي شهرين کي پاڪستان سميت 25 ملڪن جي سفر کان پاسو ڪرڻ جي هدايت

رياض : سعودي عرب جي صحت واري اداري شهرين کي پاڪستان سميت 25ملڪن جو غير ضروري سفر ڪرڻ کان خبردار ڪري ڇڏيو.
سعودي عرب جي صحت واري وزارت ”وقايه“ پارنا سفري ايڊوائزري جاري ڪئي وئي آهي، جنهن شهرين کي 25 ملڪن جي غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
وقايه پاران چيو ويو آهي ته يلو ڪيٽيگري ۾ پاڪستان،انڊيا،ٿائيلينڊ،بنگلاديش،افغانستان،عراق،سلواڊور،نيپال،هنڊوراس،موزمبيق،ڏکڻ سوڊان،شام،يوگنڊا،ڪانگو،ايٿوپيا،فلپائن،گھانا،گوئٽيمالا،چاڊ ۽ ڪينيا شامل آهن جڏهن زمبابوي کي ريڊ ڪيٽيگري ۾ رکيو ويو آهي.
انهن ملڪن ۾ وچڙندڙ مرضن ۽ طبي سهولتن کي نظر ۾ رکي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، يلو ڪيٽيگري جي ملڪن ۾ جيڪي بيماريون تيزي سان پکڙجي رهيون آهن، انهن ۾ پوليو،هيضه،ڊينگي بخار،ارڙي،يلو فيور، منڪي پاڪس، ٽي بي ۽ ڪورونا شامل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔