چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پاران 2013 ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس منيب جي فيصلي تي حيرت جو اظهار

اسلام آباد: ايڪسائيز ڊيوٽي ايڪٽ 2005 بابت ڪيس ۾ چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي حيرت جو اظهار ڪندي ريمارڪس ڏنا ته هاءِ ڪورٽ ڪيئن سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي سگهي ٿي.

ايڪسائيز ڊيوٽي ايڪٽ 2005 بابت ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪئي. ٻڌڻي دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته سپريم ڪورٽ ايڪسائيز ڊيوٽي ايڪٽ 2005 جو سيڪشن 3 اي 2011 ۾ صحيح قرار ڏنو. 2013 ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ساڳئي نوٽيفڪيشن کي ڪيئن غير آئيني قرار ڏنو؟ هاءِ ڪورٽ سپريم ڪورٽ جو فيصلو ڪيئن ڪالعدم قرار ڏئي سگهي ٿي؟

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس بيرسٽر خالد جاويد کان پڇاڻو ڪندي چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي ئي نظر انداز ڪري ڇڏيو. وڪيل خالد جاويد خان چيو ته ڪيس جي ٻڌڻي ۾ التوا چاهيون ٿا. جنهن تي چيف جسٽس

پڇاڻو ڪيو ته اوهان  هر ڀيري بيرسٽر فروغ نسيم جي ڇو ڳالهه ڪري رهيا آهيو؟

جسٽس قاصي فائز عيسيٰ چيو ته فروغ نسيم طرفان التوا جي درخواست داخل ڪئي وئي. فروغ نسيم پنهنجي التوا جي درخواست ۾ چوي ٿو بيمار آهيان، ڏيڍ مهيني کان پوءِ ٻڌڻي ڪئي وڃي. اها انتهائي غير ضروري درخواست آهي اهو هڪ سينئر وڪيل جو رويو آهي جنهن کي خبر آهي ته اهو ڏيڍ مهيني کان پوءِ تندرست ٿي ويندو. جهڙي درخواست فروغ نسيم داخل ڪئي اها پهريان ڪڏهن به نه ڏٺي.

ياد رهي ته ايڪسائيز ڊيوٽي ايڪٽ 2005 ۾ سيڪشن 3 اي کي 2007 ۾ شامل ڪيو ويو پر صدر عارف علوي جي منظوري کان پوءِ ئي سيڪشن 3 اي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. صدر جي منظوري کان پوءِ نوٽيفڪيشن کي سنڌ ۽ لاهور هاءِ  ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو. لاهور هاءِ ڪورٽ نوٽيفڪيشن کي صحيح قرار ڏنو جنهن کي سپريم ڪورٽ به 2011 ۾ برقرار رکيو پر 2013 ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس منيب اختر نوٽيفڪيشن کي غير آئيني قرار ڏنو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔