توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس: عمران خان، فواد چوڌري جو ٽرائل جيل ۾ ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين عمران خان ۽ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري جي خلاف توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس جي جيل ٽرائيل جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

لا جي ڊپٽي ڊائريڪٽر صائمه جنجوعه توهين اليڪشن ڪميشن جي ڪيس ۾ ٽرائيل بابت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي اڳوڻي پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ فواد چوڌري جو ٽرائيل اڊيالا جيل ۾ ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

اليڪشن ڪميشن موجب تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين ۽ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري جي خلاف توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي 13 ڊسمبر تي اڊيالا جيل ۾ ٿيندي. اليڪشن ڪميشن گهرو وزارت کي 2 ڏينهن ۾ قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔