زال کي حق مهر ڏيڻ ۾ دير ڪندڙ مڙس تي ڏنڊ لاڳو

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان حق مهر جي حوالي سان اهم فيصلو ڏنو آهي

سپريم ڪورٽ چيو آهي ته عورت جڏهن به گُهر ڪري ته مڙس حق مهر ڏيڻ جو پابند هوندو

سپريم ڪورٽ 6سالن تائين حق  مهر ڏيڻ جي دير تي مڙس مٿان  هڪ لک رپيا ڏنڊ لڳائي ڇڏيو

عدالت چيو آهي ته حق مهر شرعي گـُهرج آهي جنهن   جو تحفظ ملڪي قانون ۾ به موجود  آهي، حق مهر جي ادائگي جو وقت مقرر نه هجي ته زال ڪنهن به وقت گهر ڪري سگهي ٿي

سپريم ڪورٽ چيو آهي ته غيرضروري اپيلون داخل ڪرڻ سان عدالتي نظام مفلوج ٿيندو پيو  وڃي، بنا سبب جي ڪيس داخل ڪرڻ  تي عدالتن کي ڏنڊ لڳائڻ گهرجن

ٽن صفحن تي ٻڌل فيصلو چيف  جسٽس قاضي فائز عيسيٰ لکيو، سپريم ڪورٽ خالد پرويز جي زال ثمينا کي حق مهر ڏيڻ جي حڪم  خلاف اپيل خارج ڪري ڇڏي

  • TAGS

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔