“اينيمل” جا دهشتناڪ منظر، بوبي ديول روئي پيو

ممبئي: تازو رليز ٿيل دهشتناڪ فلم ”اينيمل“ بوبي ديول کي روئاري ڇڏيو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي. ڀارتي ميڊيا موجب بوبي ديول پنهنجي تازي رليز ٿيل فلم ”اينيمل“ جي ڪاميابي تي تمام گهڻو خوش آهي، جنهن جي هدايتڪار سنديپ ريڊي وانگا ڪئي آهي

فلم ۾ رنبير ڪپور، انيل ڪپور، بوبي ديول ۽ ريشميڪا مندانا سميت ٻيا اداڪار شامل آهن. فلم ’اينيمل‘ کي مداحن طرفان تمام گهڻو پسند ڪيو ويو آهي ۽ رليز جي ٽن ڏينهن اندر فلم باڪس آفيس تي طوفان مچائي ڇڏيو آهي، فلم سڄي دنيا ۾ 200 ڪروڙ کان وڌيڪ جو بزنس ڪري ورتو آهي. فلم جي رڪارڊ ٽوڙ ڪاميابي تي بوبي ديول جذباتي ٿي ويو، فلم ۾ پنهنجي جاندار اداڪاري سبب مداحن جون تعريفون ماڻڻ، مداحن جي بيحد محبت بوبي ديول کي روئڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو

سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل هڪ وڊيو ۾ بوبي ديول کي مداحن جو شڪريو ادا ڪندي ڏسي سگهجي ٿو ته هن فلم کي تمام گهڻو پيار ملي رهيو آهي، اهو سڀ ڪجهه خواب وانگر لڳي رهيو آهي. مداحن جا ٿورا مڃيندي بوبي ديول پنهنجي ڪار تي روانو ٿي ويو ۽ روئيندو ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔