مقبول ڊرامي سي آءِ ڊي جي اهم ڪردار کي دل جو دورو

ممبئي: ڀارت جي مشهور ٽي وي ڊرامي سيريل ”سي آءِ ڊي“ ۾ فريڊرڪس جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪار دنيش فدنيس کي دل جو دورو پيو.

ڀارتي ميڊيا موجب ڊگھي عرصي کان هلندڙ ڪرائم شو ”سي آءِ ڊي“ ۾ فريڊرڪس جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪار دنيش فدنيس کي اوچتو دل جو دورو پيو، جنهن کانپوءِ کيس ممبئي جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو.

رپورٽ موجب دينيش فڊنس وينٽيليٽر تي آهي جتي دل جو دورو پوڻ کانپوءِ زندگي ۽ موت جي جنگ وڙهي رهيو آهي، جمعي جي رات اداڪار جي حالت نازڪ هئي پر هاڻي سندس حالت اڳ کان بهتر آهي.

”سي آءِ ڊي“ جي ڪاسٽ ۽ عملدار کي دنيش جي صحت بابت آگاهه ڪيو ويو جنهن کانپوءِ سندس ساٿي اداڪاره اسپتال پهتا.

ٻئي طرف مداحن ۽ ڀارتي شوبز شخصيتن طرفان دنيش فدنيس جي جلد صحتيابي لاءِ دعائن جا پيغام جاري ڪيا پيا وڃن.

ڊرامي ”سي آءِ ڊي“ مان شهرت ماڻيندڙ اداڪار دنيش فدنيس کي سپر هٽ ڀارتي ٽي وي شو ”تارڪ مهتا ڪا الٽا چشما“ ۾ به ڪيميو ڪردار ۾ ڏٺو ويو، هن ڪجهه فلمن ۾ ننڍا ننڍا ڪردار پڻ ڪيا آهن.

واضح رهي ته ٽي وي ڊرامي سيريل ”سي آءِ ڊي“ جي پهرين قسط 1998ع ۾ نشر ڪئي وئي هئي، اها هندستان ۾ هلندڙ ڊگهي ٽي وي شوز مان هڪ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔