پاڪستان خلاف پهرين ٽيسٽ لاءِ آسٽريلوي ٽيم جو اعلان ٿي ويو

پرٿ :پاڪستان خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ لاءِ آسٽريلوي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو.
آسٽريليا جي نيشنل سليڪشن پئنل پاڪستان خلاف پرٿ ٽيسٽ لاءِ پيٽ ڪمنز جي قيادت ۾ 14 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ پرٿ تيسٽ 14 کان 18 ڊسمبر تائين کيڏي ويندي.
آسٽريليا جي 14 رڪني اسڪواڊ ۾ پيٽ ڪمنز (ڪپتان)، ڊيوڊ وارنر، عثمان خواجا، اسٽيو سمٿ، مارنس لبوشين، نيٿن ليون، مچل مارش، لانس مورس، مچل اسٽارڪ، اسڪاٽ بولينڊ، ايليڪس ڪيري، ڪيمرون گرين، جوش هيزل ووڊ ۽ ٽريوس هيڊ شامل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔