جنگبندي جي خاتمي کان پوءِ اسرائيل جي غزه تي ٻيهر بمباري، ٻارن سميت 186 فلسطيني شهيد

غزه: اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ جاري 7 ڏينهن جي جنگبندي ڪالهه ختم ٿيندي ئي اسرائيلي فوج غزه تي وحشياڻا حملا شروع ڪري ڏنا آهن جنهن جي نتيجي ۾ هينئر تائين گهٽ ۾ گهٽ 186 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن. جڏهن ته 589 سخت زخمي ٿي پيا آهن.

اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ غزه ۾ جنگبندي جي شروعات 24 ڊسمبر تي ٿي هئي جنهن ۾ 2 ڀيرا واڌ ڪئي وئي هئي ۽ ڪالهه جمعي تي جنگبندي جو وقت ختم ٿي ويو هو جنهن ۾ ڪابه واڌ نه ڪئي وئي. جمعي جي ڏينهن ئي جنگبندي ختم ٿيڻ کان پوءِ اسرائيل طرفان غزه جي مختلف شهرن ۾ بمباري شروع ڪئي وئي آهي. اڄ ٻئي ڏينهن به اسرائيلي فوج جا حملا جاري آهن. غزه جي اتر ۽ ڏکڻ ۾ 200 حدفن کي نشانو بنايو ويو آهي

خبرون ڏيندڙ اداري صحافين کي ٻڌايو ته ڏکڻ غزه ۾ خان يونس جي اوڀرين علائقي ۾  سخت بمباري ڪئي وئي.  غزه  جي اسپتالن ۾ به هن وقت فلمن جهڙا خوفناڪ منظر نظر اچي رهيا آهن. اسرائيل جي تازن حملن مان لڳي ٿو ته ٻيهر ٻارن جي قتل جي منظوري  ڏني وئي آهي.

غزه تي اسرائيلي فوجين جي جواب ۾ حماس به اسرائيلي شهرن تي ڪيترائي جوابي راڪيٽ حملا ڪيا جنهن سبب تل ابيب شهر ۾ به سائرن وڄڻ شروع ٿي ويا.

اسرائيل شام جي گادي واري شهر دمشق جي ڏوراهين علائقي ۽ لبناني سرحد تي به حملا ڪندي 3 لبناني شهرين کي شهيد ڪري ڇڏيو جڏهن ته جنگبندي جي خاتمي کان پوءِ اسرائيل رفاح کان فلسطينين جي امداد به بند ڪري ڇڏي آهي.

لبنان جي سرحد ويجهو ڪيترن ئي اسرائيلي ڳوٺن ۾ امڪاني طور تي راڪيٽن سان حملي کان پوءِ سائرن وڄايا ويا. ميڊيا رپورٽن موجب حزب الله هڪ ڪلاڪ ۾ اسرائيل تي 5 حملا ڪيا. شامي علائقي تي اسرائيلي حملن تي رد عمل ڏيندي روس چيو آهي ته دمشق تي اسرائيلي حملا شام جي خودمختاري ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔