عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي خلاف سائفر ڪيس جي ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي ملتوي

راولپنڊي: تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي خلاف راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ سائفر ڪيس جي ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي ملتوي ڪئي وئي آهي. آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي خصوصي عدالت سائفر ڪيس جو ٽرائيل چئن هفتن ۾ مڪمل ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين  عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪمنامو جاري ڪيو ويو جنهن موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪيس جو ٽرائيل چئن هفتن ۾ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي چڪي آهي.

اڄوڪي ٻڌڻي ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين شاهه محمود قريشي جي حاضري لڳائي وئي جنهن کان پوءِ خصوصي عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين ٻڌڻي 4 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. گذريل ٻڌڻي تي عدالت آءِ جي ۽ حساس ادارن جي رپورٽ جي روشني ۾ جيل اندر ٽرائيل جو حڪم ڏنو هو.

ايف آءِ اي ٽيم رڪارڊ سميت اڊيالا جيل پهتي جڏهن ته پي ٽي آءِ چيئرمين جا وڪيل، پراسيڪيوٽر شاهه خاور، ايڊووڪيٽ ذوالفقار عباس نقوي ۽ اسپيشل پراسيڪيوٽر رضوان عباسي به عدالت جي ڪمري ۾ موجود آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔