پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊون: بئريسٽر گوهر بنا مقابلي چيئرمين چونڊجي ويو

پشاور: پاڪستان تحريڪ انصاف جي انٽرا پارٽي چونڊن ۾ بيرسٽر گوهر علي خان بنا مقابلي چيئرمين چونڊجي ويو آهي. اليڪشن ڪميشن جي هدايت تي پاڪستان تحريڪ انصاف پي ٽي آءِ اڄ انٽرا پارٽي چونڊون منعقد ڪيون.

چونڊن کان پوءِ چيف اليڪشن ڪمشنر نيازالله نيازي صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته بئريسٽر گوهر خان بنا مقابلي پي ٽي آءِ جو چيئرمين چونڊجي ويو آهي. ان کان علاوه ٻيا به سمورا اميدوار بنا مقابلي چونڊجي ويا آهن. هن ٻڌايو ته بلوچستان مان منير احمد بلوچ صدر چونڊجي ويو آهي جڏهن ته پنجاب مان ياسمين راشد پي ٽي آءِ جي صدر چونڊجي وئي آهي.

انٽرا پارٽي چونڊن ۾ حليم عادل شيخ کي پي ٽي آءِ سنڌ جو صدر جڏهن ته پي ٽي آءِ خيبرپختونخواهه جي لاءِ علي امين گنڊاپور کي صدر چونڊيو ويو آهي

پ ٽي آءِ جي چيف اليڪشن ڪمشنر نيازالله نيازي موجب اڪبر ايس بابر ۽ مون سميت منهنجي ٽيم سان ڪوبه رابطو ناهي ڪيو ويو. گذريل ڏينهن مان آفيس ۾ پنهنجي ٽيم سميت موجود هئس. اڪبر ايس بابر وڊيو ٺاهي ميڊيا تي جاري ڪئي آهي جنهن کي رد ڪريون ٿا. اڪبر ايس بابر چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊ اليڪشن ڪميشن ۾ چئلينج ڪنداسين.

مرڪزي سيڪريٽري جنرل عمر ايوب خان کي چونڊيو ويو آهي. ان موقعي تي چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اڪبر ايس بابر جي اعتراضن کي رد ڪريون ٿا.

اهڙي اعلان کان پوءِ پي ٽي آءِ جي نئين چونڊيل چيئرمين بيرسٽر گوهر علي خان صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ جو ڪنهن سان به جهيڙو نه آهي. نه ڪنداسين، مختلف ڪيسز دوران اسان 300 ڀيرا عدالتن ۾ پيش ٿيا آهيون، فارين فنڊنگ صرف پي ٽي آءِ جي ڏٺي وئي.

بيرسٽر گوهر خان چيو ته اسان ملڪ کي اڳيان کڻي وڃڻ چاهيون ٿا پارٽي جو سربراهه جيڪو به فيصلو ڪندو اسان جو به فيصلو اهوئي هوندو آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين جو عهدو امانت جي طور تي هوندو.

پوليس طرفان پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن جي لاءِ سيڪيورٽي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو هو ۽ ايس ايس پي آپريشنز پاڻ سيڪيورٽي جي نگراني ڪئي. پي ٽي آءِ طرفان چيف اليڪشن ڪمشنر کي درخواست کان پوءِ اليڪشن ڪميشن چيف سيڪريٽري خيبرپختونخواهه ۽ آءِ جي خيبرپختونخواهه کي سيڪيورٽي انتظامن جي هدايت ڪئي هئي.

ياد رهي ته اربع جي ڏينهن پي ٽي آءِ اعلان ڪيو هو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي هدايتن موجب انٽرا پارٽي چونڊون 2 ڊسمبر تي ڪرايون وينديون ڇو ته ان کان اڳ اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف کي پنهنجي چونڊ نشان جي طور تي بيٽ کي برقرار رکڻ جي لاءِ 20 ڏينهن اندر پارٽي چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔