جج ڌمڪي ڪيس: عدالت عمران خان جي بريت واري درخواست رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد: سيشن عدالت جج ڌمڪي ڪيس ۾ عمران خان جي بريت واري درخواست کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ سول جج محمد مريد عباس پي ٽي آءِ چيئرمين جي خلاف عورت جج ڌمڪي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. پراسيڪيوٽر رضوان عباسي عدالت جي آڏو پيش ٿيو ۽ پنهنجا دليل مڪمل ڪيا.

عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ پي ٽي آءِ چيئرمين جي بريت جي درخواست رد ڪري ڇڏي. عدالت وڌيڪ ڪارروائي لاءِ ٻڌڻي 20 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

ياد رهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين مٿان جلسي ۾ تقرير دوران شهباز گل جو ريمانڊ ڏيندڙ عورت جج کي ڌمڪي ڏيڻ جو الزام هو ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين بريت جي درخواست داخل ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔