پاڪستاني عوام پرعزم ۽ متحد رهي: فارميشن ڪمانڊرز ڪانفرنس

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي صدارت هيٺ جي ايڇ ڪيو ۾ 82 هين فارميشن ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ ملڪ جي اندروني ۽ ٻاهرين سيڪيورٽي صورتحال تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو.
ڪانفرنس ۾ پاڪ فوج جي جوانن کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

ڪانفرنس ۾، فورم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته، جيڪي دشمن قوتن جي اشاري تي پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن رياست سڀني دهشتگردن، انهن جي سهولتڪارن ۽ انهن جي حوصلا افزائي ڪندڙن خلاف ”مڪمل قوت“ سان ڪارروائي ڪندي.

ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ جبر تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ڀارتي فورسز طرفان انساني حقن جي مسلسل ڀڃڪڙين جي مذمت ڪئي.
فورم چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. فورم چيو ته ڪشمير مسئلي جو مستقل حل گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب ڪشميرين کي حق خوداراديت ڏيڻ ۾ ئي آهي.
فورم پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان فلسطيني عوام جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي طور تي مڪمل حمايت ڪري ٿو.
فلسطين جي مسئلي تي پاڪستان جي اصولي موقف کي ورجائيندي فورم چيو ته پاڪستان 1967ع کان اڳ واري سرحدن ۽ القدس کي ان جي گاديءَ واري هنڌ جي بنياد تي فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل جي مڪمل حمايت ڪري ٿو. درپيش چيلنجز جي باوجود پاڪستان ۾ گذريل ڪجهه مهينن دوران پريشاني ۽ غير يقيني صورتحال ۾ گهٽتائي آئي آهي، جڏهن ته اميد، اعتماد ۽ استحڪام ۾ اضافو ٿيو آهي.
فورم ان ڳالهه جو ورجاءَ ڪيو ته ذاتي مقصدن لاءِ مايوسي پيدا ڪندڙ مخصوص عنصرن جي ڪوششن کي ثابت قدمي ۽ هاڪاري قدمن جي تسلسل ذريعي پاڪستاني عوام جي مڪمل حمايت سان شڪست ڏني ويندي.
ڪانفرنس جي شريڪ ٿيلن چيو ته پاڪ فوج جٽادار استحڪام ۽ سلامتي جي سفر ۾ قوم جو دفاع ۽ خدمت جاري رکندي.
فورم پڌرائي ۾ اهو به چيو ته غيرتمند پاڪستاني عوام پرعزم ۽ متحد رهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔