پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج پهريون ڀيرو 59 هزار پوائنٽس جي سطح پار ڪري وئي

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 5 سئو پوائنٽس جي اضافي سان پهريون ڀيرو 59 هزار پوائنٽس جي سطح پار ڪري وئي، اڄ ڪاروبار جي شروعات سان ئي تيزي جو رجحان ريڪارڊ ڪيو ويو

 ڪي ايس اي هنڊريڊ انڊيڪس ۾ 5 سئو پوائنٽس کان وڌيڪ جو اضافو ٿيو، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي جو رجحان گذريل 5 هفتن کان جاري آهي

 آڪٽوبر جي وچ ڌاري اسٽاڪ مارڪيٽ جي انڊيڪس 50 هزار پوائنٽس جي سطح تي موجود هئي، هيل تائين ان ۾ 9 هزار پوائنٽس جو اضافو ٿي چڪو آهي

تجزيا نگارن موجب اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي جو هڪ سبب آءِ ايم ايف سان پاڪستان جي پهرين قسط لاءِ معاهدو طئي ٿيڻ به آهي، ملڪي ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ گهٽتائي به مارڪيٽ ۾ مثبت رجحانن کي هٿي ڏني

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔