سيارو ايندي ئي پرڏيهي پکين جي آمد شروع، جاتي ۽ ڪينجهر ۾ ولر آيل، شڪاري به لٿل

حيدرآباد : سرد موسم جي اچڻ شرط سنڌ اندر پرڏيهي پکين جي اچڻ جو سلسلو شروع ٿيڻ تي ٺٽي ضلعي ۾ شڪارين جا ٽولا ڍنڍن ۽ ڍورن تي شڪار لاءِ پهچي ويا آهن

”پنهنجي اخبار“ کي مليل ڄاڻ موجب سردي جي موسم شروع ٿيڻ شرط سنڌ جي ٺٽي ضلعي جي مختلف ڍنڍن ڪينجهر، جاتي، شاهبندر، هڏيرو، هاليجي ڍنڍ سميت ٻين هنڌن تي آيل مهمان پکين جن ۾ آڙي، فرانڊو، نيرڳي، تتر ۽ ٻٽير جي اچڻ جو سلسلو شروع ٿيو ته شڪارين جا لشڪر پکين جي شڪار لاءِ ڍنڍن ۽ ڍورن تي پهچي ويا آهن ۽ معصوم پکين جي ٽنگون ۽ ٻانهون ڀڃي روڊ تي سرعام انهن جو وڪرو ڪري رهيا آهن

اهڙين شڪايتن تي وائلڊ لائيف کاتي حيدرآباد ڊويزن پاران گذريل ڏينهن ٺٽي ضلعي جي ڪينجهر ڍنڍ تي ٿيندڙ غيرقانوني شڪار روڪڻ لاءِ آپريشن ڪيو ويو آهي. آپريشن دوران وڏي پئماني تي وڇايل ڄار تحويل ۾ ورتا ويا جيڪي سائبيريا ۽ ٻين ٿڌن ملڪن مان مهمان ٿي آيل پکين کي ڦاسائڻ لاءِ وڇايا ويا هئا

ان ڏس ۾ وائلڊ لائيف کاتي جي ڊپٽي ڪنزرويٽر آفيسر واجد شيخ جو چوڻ آهي ته ڪينجهر ڍنڍ جي پاڻي هيٺان ۽ پاڻي جي مٿان ڄار وڇايا ويا هئا جيڪي اسان پنهنجي تحويل ۾ ورتا آهن. هن چيو ته غيرقانوني شڪار ڪندڙ ماڻهو پکين کي پڪڙي انهن کي اذيت ڏئي وڪرو ڪن ٿا. جهنگلي حيات کي بچائڻ لاءِ ۽ غيرقانوني شڪار جي خلاف شڪار جي مند ۾ ڪارروايون جاري رهنديون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔