190 ملين پائونڊ ڪيس: عمران خان، شهزاد اڪبر، ذوالفي بخاري سميت 29 ڄڻن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش

اسلام آباد:  وفاقي ڪابينه جي ذيلي ڪميٽي  190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ عمران خان سميت ان جي ٻين 29 ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي.

وفاقي ڪابينه جي ذيلي ڪميٽي اي سي اي ايل جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي،  نگران مواصلات جي وزير شاهد اشرف سميت گهرو وزارت ۽ ٻين ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. جڏهن ته اجلاس ۾ اي سي ايل بابت مختلف نوعيت جي ڪيسن جو جائزو پڻ ورتو ويو.

ڪابينه جي ذيلي ڪميٽي 41 ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ نيب جي سفارش تي 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين سميت ان جي ٻين 29 ماڻهن کي اي سي ايل ۾ وجهڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

ذريعن موجب ڪميٽي شهزاد اڪبر، ذوالفي بخاري، فرح گوگي ۽ پراپرٽي ٽائيڪون جو نالو به اي سي ايل ۾  وجهڻ جي سفارش ڪئي آهي.  

ڪميٽي 13 مختلف نوعيت جي ڪيسز کي اي سي ايل مان ڪڍڻ جي سفارش پڻ  ڪئي ۽ عدليه جي هدايتن تي 7 ماڻهن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

ان کان علاوه نظر ثاني لاءِ پيش ڪيل اپيلن مان 3 ماڻهن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ جي سفارش پڻ ڪئي وئي آهي. ڪابينه جي ذيلي ڪميٽي جي سفارشن کي حتمي منظوري لاءِ نگران  وفاقي ڪابينه ڏانهن اماڻيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔