پي ٽي وي ۽ پارليامينٽ تي حملي جو ڪيس: جاچ آفيسر اسد عمر خلاف ڪيس واپس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد: پي ٽي وي، پارليامينٽ مٿان حملي جي ڪيس ۾ جاچ آفيسر اسد عمر جي خلاف ڪيس واپس وٺڻ جو بيان ڏئي ڇڏيو.

اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي جج عبدالغفور ڪاڪڙ اسد عمر جي خلاف پي ٽي وي ۽ پارليامينٽ حملي جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جنهن سلسلي ۾ پوليس جا جاچ آفيسر عدالت ۾ پيش ٿيا.

ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر اڳوڻي وزير جي خلاف ڪيس واپس وٺڻ جو بيان ڏنو ۽ چيو ته هن ڪيس ۾ اسد عمر جي گرفتاري جي ضرورت نه آهي.

عدالت ۾ پوليس جي بيان کان پوءِ اسد عمر جي وڪيلن درخواست واپس وٺي ڇڏي جڏهن ته عدالت جاچ آفيسر جي بيان جي روشني ۾ اسد عمر جي ضمانت واري درخواست اڪلائي ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔