سنڌ ۾ ڏيکاريل ڪارڪردگي جي بنياد تي اليڪشن وڙهان پيو: بلاول

چترال: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ ۾ صحت جي نظام کي عالمي معيار بڻائي ڇڏيو آهي،مان سنڌ ۾ ڏيکاريل ڪارڪردگي جي بنياد تي اليڪشن وڙهان پيو

چترال ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي بلاول چيو ته سنڌ ۾ صحت جي نظام ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو آهي، ٻين صوبن جا ماڻهو مفت ۾ علاج ڪرائڻ لاءِ سنڌ اچن ٿا

بلاول چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت ٽڪ ٽاڪرز جي حڪومت هئي، ميان صاحب جي حڪومت اشرافيه جي حڪومت هئي

پ پ چيئرمين چيو ته پراڻا سياستدان جهڙي ريت ڪم ڪري رهيا آهن، اُن سان عوام جي تڪليفن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، بزرگ سياستدان گهر ويهن ۽ عوام لاءِ دعا ڪن

ميان صاحب ٽئين ڀيري وزيراعظم ٿيڻ بعد چيو ته هو پراڻي سياست ڇڏي ڏيندو، اسان جي اتحادي حڪومت ۾ عوامي مسئلن تي گهٽ ۽ ذاتي دشمني تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔