اسلام آباد هاءِ ڪورٽ: گم ٿيل بلوچ شاگرد بازياب نه ٿيڻ تي وزيراعظم طلب

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گم ٿيل بلوچ شاگرد بازياب نه ٿيڻ تي وزيراعظم کي 29 نومبر تي طلب ڪري ورتو آهي

عدالت طرفان دفاع واري ۽ گهرو وزير ۽ سيڪريٽرين کي به پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو، عدالت گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ جوڙيل وزارتي ڪميٽي جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس  ڏنا ته ڇا گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ جو معاملو گڏيل قومن ڏانهن اماڻيون؟ ڇا پنهنجي ئي ملڪ جي بي عزتي ڪرايون؟ وزيراعظم کي نوٽيس جاري ڪنداسين، دفاع، گهرو معاملن ۽ انساني حقن جي وزيرن کي گهرائينداسين

دفاع واري وزير کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو، ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته استدعا ڪيون ٿا ته دفاع واري وزير کي نه گهرايو وڃي، عدالت چيو ته اسان اسلام آباد ۾ ويهي انساني حقن جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون

 جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته 7 ڏينهن جو وقت ڏيان ٿو گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي تي عمل ڪيو، گم ٿيل 55 بلوچ شاگردن کي پيش ڪيو نه ته وزيراعظم پيش ٿئي، ڪيس جي ٻڌڻي 29 نومبر تائين ملتوي ڪئي وئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔