9 مئي واقعا: ياسمين راشد، اعجاز چوڌري ۽ روبينه جميل تي فرد جرم لاڳو

لاهور: 9 مئي واقعن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ياسمين راشد، اعجاز چوڌري ۽ روبينه جميل تي فرد جرم لاڳو ڪئي وئي آهي.

لاهور جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ جوابدارن ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. عدالت ڪيس جي گواهن کي 16 ڊسمبر تي بيان رڪارڊ ڪرائڻ جي لاءِ طلب ڪري ورتو. جوابدارن کي گذريل ٻڌڻي تي چالان جون ڪاپيون ورهايون ويون هيون. ياد رهي ته جوابدارن جي خلاف سرور روڊ ٿاڻي ۾ 2 ڪيس داخل ٿيل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔