نوازشريف جي ايون فيلڊ ۽ العزيزيه ريفرنس ۾ سزائن جي خلاف اپيلن تي ٻڌڻي اڄ ٿيندي

اسلام آباد: اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي ايون فيلڊ ۽ العزيزيه ريفرنس ۾ ڏنل سزائن جي خلاف اپيلن جي ٻڌڻي اڄ ٿيندي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس ۽ عامر فاروق ۽ جسٽس گل حسن اورنگزيب تي ٻڌل 2 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪندو. ٻڌڻي دوران عدالت جي ڪمري ۾ انٽري گهرو رجسٽرار آفيس طرفان جاري ڪيل انٽري ڪارڊز تي هوندو.

عدالتي ڪارروائي دوران صرف مخصوص وڪيلن ۽ صحافين کي عدالت جي ڪمري ۾ وڃڻ جي اجازت هوندي.

ياد رهي ته هلندڙ سال 26 آڪٽوبر تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ(ن) ليگي اڳواڻ نوازشريف جي درخواست تي ايون فيلڊ ۽ العزيزيه ريفرنسز ۾ سزا جي خلاف اپيلون بحال ڪيون هيون.

ملڪ واپسي کان پوءِ نوازشريف 23 آڪٽوبر تي سزا جي خلاف اپيلن جي بحالي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔