پي ٽي آءِ چيئرمين جي جيل اندر ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين جي جيل اندر ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جسٽس ميان گل حسن رمارڪس ۾ چيو آهي ته مختصر فيصلو اڄ شام ساڍي پنجين وڳي ٻڌايو ويندو

 اٽارني جنرل منصور اعواڻ دليل ڏيندي چيو ته سائيفر ڪيس جو جيل ٽرائل اوپن ٽرائل آهي، اها ڳالهه درست آهي ته ماضي ۾ جوابدارن جي گهر ڀاتين کي جيل ٽرائل ڏسڻ جي اجازت نه ملي، ان جو سبب اهو هو ته جيل ۾ ٽرائل لاءِ مليل ڪمرو ننڍو هو ۽ گنجائش محدود هئي

 ٽرائل کي رڳو ان ڪري ڪالعدم قرار نه ٿو ڏئي سگهجي ته اهو درست جڳهه تي نه ٿيو، پي ٽي آءِ چيئرمين وڪيل سلمان اڪرم راجا پنهنجا دليل مڪمل ڪندي چيو ته سائيفر ڪيس ۾ هيل تائين جي جيل ٽرائل واري سموري ڪارروائي غير قانوني آهي

سلمان اڪرم راجا چيو ته مستقبل ۾ به جيل ٽرائل ڪرڻو آهي ته جڊيشل آرڊر کڻي اچو ۽ ڪابينا کان ان جي منظوري وٺو، عدالت ٻنهي ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔