غزه: اسرائيلي فوج پاران انڊونيشين اسپتال جو گهيراءُ ، بمباري سبب وڌيڪ 32 فلسطيني شهيد

غزه:اسرائيلي فوج جي غزه ۾ بربريت جاري آهي. النصاترات، جباليه جي ڪيمپن ۽ انڊونيشين اسپتال تي حملن دوان وڌيڪ 32 فلسطيني شهيد ٿي ويا،  جنهن کان پوءِ شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ وڌي 13 هزار 300 ٿي ويو آهي.

غزه ۾ انڊونيشين اسپتال تي بمباري جي نتيجي ۾ ڊاڪٽرن سميت 14 فلسطيني شهيد ٿي ويا، اسرائيلي فوج جي ٽينڪن اسپتال جو گهيراءُ ڪري ورتو آهي،  چوڌاري بمباري ڪئي پئي وڃي، اسپتال جو جنريٽر به بند ڪيو ويو آهي. اتر غزه ۾ اهو آخري فعال اسپتال بچيو هو جنهن جو به اسرائيلي فوج گهيراءُ ڪري ورتو آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيلي فوج هن اسپتال ۾ به ساڳيو ڪم ڪرڻ چاهي ٿي جيڪو هن الشفا اسپتال ۾ ڪيو. حماس حڪومت موجب غزه ۾ اسرائيلي حملن ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 13 هزار 300 ٿي ويو آهي جن ۾ 5600 ٻار ۽ 3550 عورتون شامل آهن.

ٻئي پاسي گڏيل قومن جي سربراهه انتونيو گوتريس چيو آهي ته 2017 ۾ عهدو سنڀالڻ کان پوءِ هن شهرين جو ايتري وڏي پيماني تي قتل عام نه ڏٺو آهي. اسرائيلي فوج جي بمباري سبب غزه ۾ تمام گهڻيون فوتگيون ٿيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔