فلسطينن جي قتل عام خلاف مختلف ملڪن ۾ احتجاج، يهودي به روڊن تي نڪري آيا

لنڊن : اسرائيل طرفان فلسطينن جي قتل عام خلاف لنڊن ۾ رهڻ وارن يهودين احتجاج ڪيو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب، لنڊن ۾ رهندڙ يهودين طرفان ڪيل احتجاج ۾ فلسطينن خلاف تشدد روڪڻ ۽ جنگ بندي جو مطالبو ڪيو ويو.

ٻئي پاسي آسٽريليا جي شهر ميلبورن ۾ فلسطينن سان ايڪي جي اظهار لاءِ وڏو مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ لکين ماڻهن شرتڪ ڪئي.

سوئيڊن ۾ سوين ماڻهن پارليامينٽ آڏو احتجاج ڪيو ۽ هواڏنهن پئرس ۾ نڪتل ريلي ۾ فرانسيسي اداڪارن پڻ شرڪت ڪئي جڏهن ته ٽوڪيو ۾ به احتجاج ڪيو  ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔