بالي ووڊ جي جڳ مشهور فلم ڌوم جو ڊائريڪٽر سنجي گڌوي دل جو دورو پوڻ سبب فوت

ممبئي : بالي ووڊ جي جڳ مشهور فلم ڌوم جو ڊائريڪٽر سنجي گڌوي دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب سنجي گڌوي جي ڳڻپ بالي ووڊ جي مشهور فلم ڊائريڪٽرن ۾ ٿيندي آهي، سنجي گڌوي دل جو دورو پوڻ سبب لوکنڊ والا ۾ پنهنجي گھر ۾ فوت ٿي ويو.
رپورٽن موجب ڊائريڪٽر جي موت جي تصديق سندس ڌيءَ سنجنا گڌوي ڪئي.

سنجي گڌوي جي ڌيءَ سنجنا ٻڌايو ته پيءُ صبح جي واڪ تي ويل هو ته اوچتو کيس سيني ۾ تڪليف ٿي جنهن تي کيس اسپتال منتقل ڪرڻ پئي چاهيو ته فوت ٿي ويو.
سنجنا وڌيڪ ٻڌايو ته هو بلڪل صحتمند هو ۽ کيس ڪا به بيماري نه هئي، اوچتو موت سڄي خاندان کي شديد صدمي ۾ وجهي ڇڏيو آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب ڊائريڪٽر جي 56 هين سالگرهه 3 ڏينهن کان پوءِ ملهائي وڃي ها.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔