بجلي وڌيڪ مهانگي ٿيڻ جو امڪان: صارفين تي 40 ارب جو اضافي بار پوندو

اسلام آباد: ملڪ ۾ بجلي جي قيمت ۾ هڪ دفعو ٻيهر واڌ جو امڪان آهي جنهن سان صارفين تي 40 ارب روپين جو اضافي بار پوندو.

ذريعن موجب ملڪ ۾ بجلي صارفين تي 40 ارب روپين جو اضافي بار وجهڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي. ان سلسلي ۾ بجلي جي قيمت 3 روپيه 53 پئسا في يونٽ وڌائڻ جو امڪان آهي.

سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي(سي پي پي اي) طرفان بجلي مهانگي ڪرڻ جي لاءِ نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي(نيپرا) ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. 3 روپيه 53 پئسا في يونٽ جو اضافو آڪٽوبر 2023 جي ماهوار فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ گهريو ويو آهي.

بجلي وڌيڪ مهانگي ڪرڻ جي سي پي پي اي جي درخواست تي نيپرا 29 نومبر ٻڌڻي ڪندو. ذريعن موجب قيمتن ۾ اضافي جو جي ايس ٽي سميت بجلي صارفين تي تقريبن 40 ارب روپين جو بار پوندو. بجلي جي قيمت ۾ واڌ جو اعلان ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين تي نه هوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔