ايم ڪيو ايم جا اهم اڳواڻ پيپلزپارٽي ۾ شامل، پيپلزپارٽي هميشه مقبول پارٽي رهي آهي: سعيد غني

ڪراچي: پيپلزپارٽي اڳواڻ سعيد غني چيو آهي ته ڪراچي جي ترقيءَ لاءِ ايم ڪيو ايم کي به ويلڪم ڪيون ٿا، پيپلزپارٽي ڪراچي ۾ هميشه مقبول رهي آهي، ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ به اڄ پيپلزپارٽي ۾ شامل آهن

ڪراچي ۾ سعيد غني سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيندڙ ايم ڪيو ايم اڳواڻن جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم وارن جون وايون بتال ٿي ويون آهن

ايم ڪيو ايم اڳواڻن خواجا سهيل منصور، مزمل قريشي، وسيم قريشي ۽ ٻين چيو ته ايم ڪيو ايم وارا اسان جي گهرن تي لوٽا ٽنگي هيسائي رهيا آهن، ايم ڪيو ايم مان اڃا وڌيڪ ماڻهو پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيندا، ڪراچي جي حقيقي جماعت پيپلزپارٽي آهي

خواجا سهيل منصور، مزمل قريشي ۽ ٻين چيو ته ايم ڪيو ايم اسان کي سدائين ٽشو پيپر جيان استعمال ڪيو، ايم ڪيو ايم وارا پنهنجن ئي گهرن تي لوٽا ٽنگي رهيا آهن، ايم ڪيو ايم پي ايس پي اڳواڻن جي هٿن ۾ يرغمال بڻيل آهي

پيپلزپارٽي اڳواڻ سعيد غني چيو ته پيپلزپارٽي هميشه ڪراچي ۾ مقبول رهي آهي، ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ به اڄ ايم ڪيو ايم ۾ شامل آهن، ايم ڪيو ايم کي گذارش آهي ته هو پنهنجي سياسي جدوجهد ڪري،  هر شهري جو حق آهي جنهن کي چاهي ووٽ ڏي

مزمل قريشي جو چوڻ هو ته  اسان سڀني کي حق آهي ڪنهن به پارٽي ۾ وڃي سگهون ٿا، ايم ڪيو ايم وارن کي هاڻي لوٽن جي ضرورت پوندي، ايم ڪيوم ايم وارن هاڻي (ن) ليگ سان اتحاد ڪيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔