فورسز جي وزيرستان ۽ ڊي آءِ خان ۾ آپريشن، 3 دهشتگرد مارجي ويا

ڪراچي : فورسز جي وزيرستان ۽ ڊي آءِ خان ۾ آپريشن، 3 دهشتگرد مارجي ويا

 سيڪيورٽي فروسز وزيرستان ۽ ڊيره اسماعيل خان ۾ الڳ الڳ آپريشنز ڪيا جنهن دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا

 آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز ڊيره اسماعيل خان جي علائقي ڪلاچي ۾ انٽيليجنس بنيادن تي آپريشن ڪيو جنهن ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا

 جڏهن ته ڏکڻ وزيرستان جي علائقي ڪوٽ اعظم ۾ به آپريشن جي دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو

 آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگرد فورسز ۽ سويلينز تي حملن ۾ ملوث هئا ۽ انهن وٽان اسلحو به برآمد ڪيو ويو آهي

 آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اتر وزيرستان جي علائقي گهريوم ۾ بارودي مواد ڦاٽڻ سبب سپاهي شاهزيب شهيد ٿي ويو

 آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ ٻين دهشتگردن جي خاتمي جي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي

آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي، اسان جي بهادر جوانن جون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط بڻائن ٿيون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔