اليڪشن ۾ ڌانڌلي ڪرڻي آهي ته پوءِ اربين رپيا خرچ ڪرڻ جو ڪهڙو فائدو؟ بلاول

نوشهره: پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيالا عام چونڊن لاءِ تيار آهن، مخالفن کي چئون ٿا ته اوهان پنهنجي منشور ۽ ووٽرز جي آڌار تي اليڪشن وڙهو، سرڪاري مشينري ۽ انتظاميا جي زور تي چونڊون وڙهڻ درست ناهي

نوشهره ۾ ورڪرز  ڪنوينشن کي خطاب ڪندي بلاول چيو ته جيڪڏهن اليڪشن کان اڳ ئي نتيجا سامهون اچڻا آهن ته پوءِ پولنگ تي اربين روپيا خرچ ڪرڻ جو ڪهڙو فائدو

هن چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ چيف جسٽس عام چونڊون صاف ۽ شفاف يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻن، ائين نه ٿيو ته هڪ پارٽي ڪامياب ٿي ويندي ۽ ٻي ڌانڌلي جا الزام هڻندي

بلاول چيو ته هڪ وزير اعظم ٿي ويندو ته ٻيو ڌانڌلي جا الزام هڻي ڌرڻا هڻندو، ملڪي مسئلن کان ڇوٽڪاري جو واحد حل صاف ۽ شفاف اليڪشن آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔