اسان شرمنده آهيون، فلسطيني ٻارڙن جو هولو ڪاسٽ ڏسي رهيا آهيون: نگران وزيراعظم

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته غزه ۾ اسرائيلي فوج هٿان فلسطيني ٻارڙن جو هولو ڪاسٽ ڏسي رهيا آهيون، اسان غزه جي ٻارن آڏو شرمنده آهيون، فلسطيني ٻارن جو قتلام فوري طور بند ڪيو وڃي

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ ٻارن جي عالمي ڏينهن بابت تقريب کي خطاب وڌيڪ چيو ته اسرائيلي رياست سمجهي ٿي ته اها فوج جي ڪري گهڻي طاقتور آهي، پيشيور فوج ڪنهن فوج سان مقابلو ڪندي آهي

هن چيو ته فوجون معصوم ٻارڙن جو قتلام نه ڪنديون آهن، هٿين خالي ٻارن جو قتل انساني ۽ عالمي حقن جي سنگين لتاڙ آهي

نگران وزيراعظم وڌيڪ چيو ته غزه ۾ ٿيندڙ واقعن کي مذهب بدران انساني حقن جي تناظر ۾ ڏٺو وڃي، غزه ۾ نسل ڪشي خلاف پاڪستان آواز اٿاريندو رهندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔