افغان شهرين جي واپسي خلاف ڪيس کليل عدالت ۾ لڳائڻ جو حڪم

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ افغان شهرين جي واپسي خلاف ڪيس کليل عدالت ۾ لڳائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

جسٽس يحيٰ آفريدي غير قانوني پرڏيهين جي واپسي روڪڻ واري چيمبر اپيل ۾ رجسٽرار جا اعتراض رد ڪري ڇڏيا، ڪيس کليل عدالت ۾ لڳائڻ جو حڪم ڏنو آهي

پيپلزپارٽي جي اڳواڻ فرحت الله بابر ۽ ٻين پاران افغانين سميت غير قانوني پرڏيهين جي واپسي خلاف درخواست داخل ڪرائي وئي هئي

رجسٽرار آفيس اعتراض لڳائي درخواست واپس ڪري ڇڏي هئي

جسٽس يحيٰ آفريدي چيمبر ۾ ٻڌڻي هلائي حڪم جاري ڪيا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔